بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِ
نَحْمَدُہٗ وَنُصَلِّی عَلٰی رَسُوْلِہِ الْکَرِیْمِ
✧ ايمان جو بيان ✧
پيارا ٻارو! اسان جي پياري رسول حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ فرمايو آهي ته اسلام جي بنياد پنجن شين تي رکيل آهي.
☆ پهريون: هيءَ شاهدي ڏيڻ ته الله کان سواءِ ڪو به معبود ناهي ۽ حضرت محمد مصطفىٰﷺ الله جا رسول آهن.
☆ ٻيو: نماز قائم ڪرڻ، يعني شرعي قاعدن موجب پابندي سان نماز پڙهڻ.
☆ ٽيون: زڪوات ادا ڪرڻ.
☆ چوٿون: حج ڪرڻ.
☆ پنجون: رمضان شريف جا روزا رکڻ.
اسلام رڳو انهن پنجن ڳالهين تائين محدود ناهي. انهن کان سواءِ به عبادت جا بيشمار طريقا آهن. حضرت محمد مصطفىٰﷺ الله جا پيارا ۽ آخري رسول آهن. انهن ٻنهي ڳالهين جي دل سان تصديق ڪرڻ ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ کي ايمان چيو ويندو آهي. عقيدي ۽ نظريي ۾ به انهيءَ جو اظهار هوندو آهي.
از:مولانا محمد عاشق الٰہی بلند شہری مدنی
ترجمو: جاويد احمد سولنگي
ڪتاب: آسان نماز ۽ چاليهه مسنون حديثون